صاحب سنگهه چندا سنگهه شھاڻي

صاحب سنگهه چندا سنگهه شھاڻي

صاحب سنگهه چندا سنگهه شھاڻي

صاحب سنگهه چندا سنگهه شھاڻي: مشھور اديب ۽ تعليمدان صاحب سنگهه ولد چندا سنگهه ڪانسنگهه شھاڻي جو جنم 1866ع ڌاري حيدرآباد ۾ ٿيو. هن بمبئيءَ جي ايلفنسٽن ڪاليج مان 1891ع ۾ انگريزي ادب ۾ ايم.اي ڪئي. هو سنڌ سان واسطو رکندڙ ٻيو سنڌي هو، جنهن 1891ع ۾بمبئي مان ايم.اي جو امتحان پاس ڪيو ۽ پھريون سنڌي هو، جيڪو 1896ع ۾ ڊي.جي ڪاليج ۾ انگريزيءَ جو پروفيسر مقرر ٿيو ۽ 1917 کان 1927ع تائين ڪاليج جو پرنسپال رهيو. ڪاليج ۾ ”لٽرري ۽ ڊبيٽنگ سوسائٽيءَ“ وسيلي وڏي پيماني تي مقابلا ڪرائڻ ۾ سندس اهم ڪردار رهيو. بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ ميٽرڪ جي امتحان لاءِ ”سنڌيءَ“ جو ممتحن هو. سندس ئي ڪوششن سان 1924ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ بي. اي تائين ”سنڌي“ مضمون کي نصاب ۾ شامل ڪيو ويو. پاڻ بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ ”سينيٽ“ جو ميمبر ۽ ”سنڌي بورڊ آف اسٽڊيز“ جو چيئرمئن ٿي رهيو. سنڌ ۾ جديد تعليم عام ڪرڻ لاءِ هن ڪيترا ئي نوان ادارا جوڙايا، جن مان: اين اي ڊي (NED) انجنيئرنگ ڪاليج، ڪراچي (1922ع) ايس. سي شھاڻي لا ڪاليج، ڪراچي، (1926ع) اهم آهن. ڊي. جي سنڌ ڪاليج، بنيادي طور تي آرٽس ڪاليج هو، پر هڪ ٻن سالن جي اندر، سائنس جا ڪلاس به شروع ڪيا ويا. 1940ع ۾ سائنس ۽ آرٽس فئڪلٽين کي الڳ ڪري خود مختيار ڪيو ويو. ان ڏس ۾ آرٽس جي شعبي کي مکيه عمارت مان ڪڍي، ڊي جي ڪاليج جي آڏو سنڌ سيڪريٽريٽ ويندڙ روڊ تي ڪراچي ميوزيم واري جاءِ خريد ڪري ان ۾ منتقل ڪيو ويو. هن ونگ تي اڳتي هلي، سنڌ آرٽس ڪاليج قائم ڪيو ويو، جيڪو اڄ به موجود آهي. هن ڇوڪرين جي تعليم ڏانهن خاص ڌيان ڏنو ۽ عملي ڪوششون پڻ ورتيون. اهڙي مثال قائم ڪرڻ لاءِ، اول پنھنجي وڏي نياڻي مس رڪي صاحب سنگهه شھاڻي کي ڪاليج ۾ داخل ڪرايو، جنھن بي. اي پاس ڪئي.1927 ع ۾ ڪاليج مان رٽائرڊ ٿيو. رٽائرمينٽ کان پوءِ علمي، ادبي سرگرمين سان گڏ زمينداري ڪندو رهيو. جڏهن ته اُن وقت جي وائسراءِ پاران ڪائونسل جو ميمبر چونڊجڻ تي سياست سان به سلھاڙجي ويو. سندس مشھور لکڻيون رٽائرمينٽ کان پوءِ شايع ٿيون. ادبي دنيا ۾ ’ٿامس هارڊيءَ‘ کان متاثر هو. سندس ڪتاب: ”بلوکوکر“ (ناول 1930ع) ۽ ”تارن جو اڀياس يا آتو ميرچنداڻي“ (ناول 1930ع) اهم آهن. ڊي. جي. ڪاليج جي مسليني به سندس دور ۾ عروج تي پھتل هئي، جنھن ۾ پاڻ به انگريزي ۽ سنڌي ٻولين ۾ مضمون لکندو هو. هن کي پکين جي تمام گهڻي معلومات هوندي هئي. ان سلسلي ۾ سندس مضمون ”چنڊول“ ۽ ”وهيو“ تمام گهڻا معلوماتي آهن. سنڌي ادب ۾ سائنس فڪشن جو پھريون ناول صاحب سنگهه چندا سنگهه شھاڻيءَ جي ”تارن جو اڀياس“ کي چئي سگهجي ٿو. هن ناول کي سال جي بھترين ڪتاب جو اوارڊ پڻ مليو. هن 1931ع ۾ ڪراچي ۾ وفات ڪئي.


لفظ صاحب سنگهه چندا سنگهه شھاڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو